فيفا 2026 ورلڊ ڪپ لاءِ ’يلو ڪارڊ‘ ضابطن ۾ وڏين تبديلين جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن وڌيڪ رانديگر اهم ناڪ آئوٽ ميچن لاءِ دستياب هجن.
نون ضابطن تحت ٽورنامينٽ دوران رانديگرن جا ڊسيپلينري رڪارڊ ٻه ڀيرا صاف ڪيا ويندا، معطلي جا امڪان گهٽجي ويندا.
فيفا موجب گروپ اسٽيج جي پڄاڻي تي سمورن رانديگرن جا سنگل پيلي ڪارڊ ڪڍيا ويندا ته جيئن هو بنا ڪنهن دٻاءَ جي ناڪ آئوٽ اسٽيج جي شروعات ڪري سگهن.
ڪوارٽر فائنل کان پوءِ هڪ ٻي ’عام معافي‘ ڏني ويندي، جنهن جو مطلب آهي ته ٽيمن جا رانديگر جيڪي سيمي فائنل تائين پهچن ٿا انهن کي به پيلي ڪارڊ جي خطري کان آزاد ڪيو ويندو.
ان کان اڳ ڪوارٽر فائنل کانپوءِ پيلي ڪارڊ رد ڪيا ويندا هئا ته جيئن ڪو به رانديگر سيمي فائنل ۾ ڪارڊ سبب فائنل ۾ نه پهچي، پر نئين 48 ٽيمن جي فارميٽ ۽ اضافي ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ ضابطن ۾ وڌيڪ نرمي ڪئي وئي آهي.
فيفا پڻ مالي حوصلا افزائي ڪئي آهي، اعلان ڪيو ته سڀني 48 حصو وٺندڙ ٽيمن لاء مجموعي فنڊ 15 سيڪڙو وڌائي 871 ملين ڊالر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ورلڊ ڪپ 11 جون کان 19 جولاءِ تائين آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ کيڏيو ويندو.


