گھانا جي عظيم ترين جادوگر نانا ڪوڪو بونسام 2026 فيفا ورلڊ ڪپ بابت حيران ڪندڙ اڳڪٿي ڪئي آھي.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن موجب انگلينڊ جي هيري ڪين بابت ماضي ۾ ڪيل دعوائن کانپوءِ هاڻي هن ورلڊ ڪپ 2026 جي ناڪ آئوٽ اسٽيج جي حوالي سان نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
ڪيپ وردي رائونڊ آف 32 ۾ ليونل ميسي جي ارجنٽائن کي ٽورنامينٽ مان ڪڍي ڇڏيندو، نانا ڪوڪو بونسام فٽبال مداحن لاءِ حيران ڪندڙ دعويٰ ۾ چيو آهي.
هن پنهنجي اڳڪٿي کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ۽ چيو ته ” نجومي نشانين“ موجب هن ڀيري ورلڊ ڪپ جو ٽائيٽل ڪرسٽيانو رونالڊو جي پرتگال جي نالي هوندو.
🚨 ¡ PredicciÓN QUE SACUDE AL MUNDIAL! 😳🔮
نانا ڪوڪو بونسام، گھانا جي روحانيات جو جيڪو هيري ڪني جي مبينا “ايمبروجو” لاء وائرل ٿي ويو، هڪ نئين ۽ تڪراري نبوت شروع ڪئي.
🗣️ Asegura que Cabo Verde 🇨🇻 اها چونڊ هوندي جيڪا ارجنٽائن کي ختم ڪري ڇڏيندي 🇦🇷 ڊي ليونل ميسي اين… pic.twitter.com/dRE3YJQz6o
– Motivaciones Fútbol (@MotivacionesF) جون 29، 2026
سندس اها اڳڪٿي سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي ۽ فٽبال جي مداحن طرفان مليل رد عمل سامهون اچي رهيو آهي.
ڪجهه صارفين ان کي صرف تفريحي سڏي رهيا آهن جڏهن ته ٻيا ان کي هڪ دلچسپ اڳڪٿي طور ڏسي رهيا آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ نانا ڪوڪو انگلينڊ ۽ گھانا وچ ۾ ميچ کان اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته هن هيري ڪين کي گانا خلاف اسڪور ڪرڻ کان روڪيو هو.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هيري ڪين ان ميچ ۾ ڪو به گول نه ڪري سگهيو پر سندس ڪارڪردگي به متاثر ڪندڙ نه رهي.


