مٿانهين فضا ۾ تيز دٻاءُ وارو علائقو اڄ کان وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب قائد جي شهر ۾ هوا ۾ نمي جي شدت ۾ اضافو ٿيندو. موسميات کاتي موجب عيد الاضحي جي ٽن ڏينهن تي شهر ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته سامونڊي هوائون به وقفي وقفي سان شروع ٿي سگهن ٿيون. شهر ۾ گرمي پد معتدل آهي، پر وڌيل نمي سبب گرمي پد اصل درجه حرارت کان ڪيترائي درجا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، صبح جو نمي جو تناسب 80 سيڪڙو ۽ شام جو 70 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب مٿانهين فضا ۾ پيدا ٿيل سسٽم جي اثر هيٺ 31 مئي تائين سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ وچولي کان سخت گرمي جي لهر پوڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن سکر، شڪارپور، قمبر، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو، دادو، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهروفيروز ۾ گرمي پد 04 کان 06 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ سان 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هيٽ ويو جي ڪري ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ڄامشورو ۽ سانگهڙ جي ضلعن ۾ گرمي پد 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هيٽ ويو جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي خاص ڪري ٻارن، عورتن ۽ بزرگ شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. هارين کي گهرجي ته هو پنهنجي فصلن جو خيال حالتن مطابق ڪن ۽ پنهنجي جانورن جو خاص خيال رکن. صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين غير ضروري سج ۾ لکڻ کان پاسو ڪريو، جسم کي ڊي هائيڊريشن کان بچائڻ لاءِ جيترو ٿي سگهي پاڻي پيئجي.
Source link

مٿانهين فضا ۾ تيز دٻاءُ وڌيڪ مضبوط، ڪراچي ۾ عيد تي موسم ڪيئن رهندي؟
Leave a Comment Leave a Comment

