راولپنڊي ٽيڪسيلا پوليس 15 نمبر تي بروقت ڪارروائي ڪري عورت جي جان بچائي ورتي، جڏهن ته غيرت جي نالي تي مڙس ۽ زال کي زهر ڏئي قتل ڪندڙ جوابدارن پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته فائرنگ دوران 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ هڪ زخمي جوابدار به شامل آهي.
15 ڪالون ملڻ بعد پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي مڙس ۽ زال کي نيم بي ہوش حالت ۾ هٿ ڪيو. پوليس کي ڏسندي ئي جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڏني. واقعي ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا.
واقعي جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، راولپنڊي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي ٺوس ثبوتن سان انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
ٻئي طرف عورت جو مڙس افضل فوت ٿي ويو، افضل جو لاش اسپتال آندو ويو، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد موت جو اصل سبب معلوم ٿيندو.


