دريائن ۽ ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ نڪرڻ جي ڊيٽا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) دريائن ۽ ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ اخراج جي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي. واپڊا طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻيءَ جي آمد 67 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ان جو آئوٽ فلو 90 هزار ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ اخراج 39 هزار 200 ڪيوسڪ جڏهن ته خير آباد پل وٽ پاڻي جي آمد ۽ اخراج 10 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن مان معلوم ٿيو ته جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 35 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ اخراج 34 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 18 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ اخراج 7 هزار ڪيوسڪ رهيو. ذخيرن ۾، تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1449.50 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ سطح 1550 فٽ ۽ اڄ قابل استعمال پاڻي جو ذخيرو 0.997 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. واپڊا موجب منگلا ڊيم ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1167.85 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ سطح 1242 فوٽ ۽ قابل استعمال پاڻي جو ذخيرو 2.474 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح چشما ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 641.30 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ سطح 649 فوٽ ۽ قابل استعمال پاڻي جو ذخيرو 0.049 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment