ڪراچي:
صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت اڳوڻي آءِ جي سنڌ سميت 10 جوابدارن کي طلب ڪري ورتو.
عدالت اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي سميت 10 جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي جوابدارن کي 9 جولاءِ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته عدالت پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي جو به خبردار ڪيو آهي.
ڪيس ۾ جوابدارن ۾ ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ، اڳوڻو ايس ايس پي تنوير احمد طاهر ۽ ٻيا شامل آهن.
پراسيڪيوشن موجب جوابدارن تي پوليس ملازمن جي پگهارن ۾ غيرقانوني ڪٽوتي جو الزام آهي، جنهن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال به شامل آهي.
جوابدارن پاران ترقياتي منصوبا هڙپ ڪيا ويا ۽ سرڪاري فنڊن ۾ به بي ضابطگيون ڪيون ويون. آءِ جي سنڌ جي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي.


