موچڪو پوليس 5 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري مقتول جي والد امجد علي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
تفصيل موجب موچڪو پوليس 5 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار 36 ورهين جي ثناءُ الله کي گرفتار ڪري مقتول جي والد امجد علي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
ايس ايڇ او موچڪو سهيل فاروق موجب نوجوان ڇوڪري سان زيادتي جو واقعو ڪچيلا ڳوٺ غوثيا مسجد ڀرسان پيش آيو، گرفتار جوابدار مقتول ڇوڪري جو پاڙيسري آهي.
ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن به ڇوڪري سان زيادتي جي تصديق ڪئي آهي، جنهن تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.


