معاهدو نه ٿيو ته ٻيهر حملي لاءِ تيار آهيون، ٽرمپ جو ايران کي هڪ ڀيرو ٻيهر وارننگ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


واشنگٽن:

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي سخت پيغام ڏيندي چيو آهي ته تهران وٽ جوهري معاهدي تائين پهچڻ ۾ وقت گهٽ آهي ڇو ته آمريڪا ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏيندو.

واشنگٽن ۾ تقريب کي خطاب ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته ايران سان ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا جاري آهن پر جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته آمريڪا ٻيهر فوجي ڪارروائي کان بازياب نه ٿيندو.

“ايران شايد جمعه، ڇنڇر، آچر يا ايندڙ هفتي جي شروعات تائين آهي،” هن چيو. سندس چوڻ هو ته اهو جلد واضح ٿي ويندو ته تهران ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو پر ايران کي وڏو ڌڪ رسڻو پوندو.

صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪشاف ڪيو ته آمريڪا سومر تي ايران تي حملي جي بلڪل ويجهو اچي ويو هو پر خليجي ملڪن جي درخواست تي ڪارروائي روڪي وئي.

هن چيو ته خطي ۾ ڪيترائي اتحادي جنگ جي پکيڙ تي پريشان آهن.

آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته سندس حڪومت ايران تڪرار کي جلد ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان سفارتي سطح تي سرگرميون جاري آهن.

هن اهو به چيو ته هاڻي ايران پاڻ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment