اسلام آباد:
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار گذريل رات ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ خطي جي مجموعي صورتحال ۽ پاڪستان پاران امن ۽ استحڪام لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ ڌرين وچ ۾ مخلصانه ثالثي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.
ان موقعي تي اسحاق ڊار خطي ۾ تعميري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ڳالهين ۽ سفارتڪاري ئي مسئلن جو پرامن حل ۽ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جو واحد رستو آهي.


