هنگو جي علائقي ابراهيم زئي جي جنگلن مان پوليس اهلڪار جو لاش هٿ آيو آهي.
خيبرپختونخواهه پوليس جي ترجمان موجب هنگو ضلعي جي علائقي ابراهيم زئي جي جنگلن مان پوليس اهلڪار جو لاش هٿ آيو آهي.
ترجمان موجب لاش جي سڃاڻپ پوليس ڪانسٽيبل مشرف علي جي نالي سان ٿي آهي.
اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او سٽي فياض خان جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي.
پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


