اردن جي فوج 2 ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب اردن جي هٿياربند فوج جو چوڻ آهي ته ملڪ تي حملي ڪندڙ ٻن ڊرونز کي ڪاميابي سان ڪيرايو ويو آهي.
هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊرون ڪيرائڻ جي آپريشن ۾ جاني يا مالي نقصان نه ٿيو، پر فوج واضح ناهي ڪيو ته ڊرون ڪير هلائي.
ٻئي طرف ايران جي انقلابي گارڊز چيو آهي ته هن گذريل ٻن هفتن دوران بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون حملن سان اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي وڏو ڌڪ رسايو آهي.
ان کان علاوه سڄي وچ اوڀر پاران ڪويت ۽ بحرين تي ايراني حملن جي سخت مذمت ڪئي وئي.


