پنجاب ۾ زرعي ٽيڪس جي نالي تي آئين جي ڀڃڪڙي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وڏو چئلينج

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ زرعي ٽيڪس جي نالي تي آئين جي ڀڃڪڙي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.

اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ زرعي انڪم ٽيڪس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ خلاف درخواست جوڊيشل ايڪو سسٽم پينل ۽ پارلياماني ليڊر علي امتياز وڑائچ ايم پي اي محمد اعجاز شفيع ايم پي اي پي ٽي آءِ داخل ڪئي هئي جنهن ۾ نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.

درخواست ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ کي فوري مداخلت جي اپيل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پنجاب حڪومت تي آئيني اختيار ختم ڪرڻ ۽ هارين تي غير آئيني ٽيڪس لڳائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. درخواستگذارن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي آئيني فيصلي کي فوري طور تي شايع ڪرڻ ۽ ان تي عملدرآمد جو به مطالبو ڪيو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومت اسيمبلي کي نظرانداز ڪري زرعي ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي، آءِ ايم ايف جي دٻاءُ هيٺ آئين کي قربان نٿو ڪري سگهجي. درخواستگذارن مطالبو ڪيو آهي ته زرعي ٽيڪس ۾ واڌ جا سمورا نوٽيفڪيشن غير قانوني قرار ڏئي هارين کان وصول ڪيل اربين رپيا واپس ڪيا وڃن.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ زرعي ٽيڪس نظام جي آئيني حيثيت کي به چئلينج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته درخواست ۾ آءِ ايم ايف سان سمورن خطن کي ظاهر ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواستگذارن جو چوڻ آهي ته ڪو به عالمي مالياتي ادارو آئين کان مٿانهون ناهي.

درخواست ۾ پنجاب حڪومت تي هاري مخالف پاليسين جو الزام هڻندي چيو ويو آهي ته غير شفاف ٽيڪس نظام بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. موقف اختيار ڪيو ويو ته حڪومت آئيني تقاضا پورا ڪرڻ کانسواءِ هارين تي بار وڌو.

درخواستگذارن زرعي ٽيڪس ۾ واڌ کي اسيمبلي جي نگراني سان مشروط ڪرڻ لاءِ عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته غير قانوني ٽيڪس اوڳاڙي ۽ هارين جي معاشي استحصال جا مڪمل تفصيل طلب ڪيا وڃن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت قانون جي مناسب عمل کي نظرانداز ڪيو، عوامي مفاد جي درخواست ۾ آئين جي بالادستي ۽ پارلياماني خودمختياري جو معاملو به اٿاريو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment