اسلام آباد:
سڪيورٽي فورسز مستونگ ۾ آپريشن دوران فتنا الهند جي 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيلن ۾ سهولتڪار سميت مرد ۽ عورت آپگهاتي بمبار به شامل آهن.
ايڪسپريس نيوز موجب بلوچستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي، سڪيورٽي فورسز آپريشن تيز ڪري دهشتگردن خلاف گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان جي علائقي مستونگ جي علائقي خاڊ ڪوچا ۾ سڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪندي فتنا الهند جا 6 دهشتگرد مارجي ويا.
سڪيورٽي ذريعن موجب ڳجهي اطلاع تي سڪيورٽي فورسز جي ان ڪارروائي دوران ڪيترن ئي دهشتگردن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو، گرفتار دهشتگردن ۾ مرد ۽ عورت آپگهاتي بمبار سميت سهولتڪار به شامل آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائي ۾ دهشتگردن جا ڪيترائي ٿاڪ مڪمل طور تي تباهه ڪيا ويا، آپريشن دوران دهشتگردن جي لڪڻن تان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.
آپريشن دوران علائقي ۾ سرچ اينڊ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سڪيورٽي فورسز طرفان مڪمل نگراني ڪئي پئي وڃي، مستونگ جي علائقي خاڊ ڪوچا ۾ دهشتگردن جي مذموم ڪاررواين کانپوءِ سڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن.


