نواز شريف وفاقي بجيٽ تيار ڪرڻ لاءِ وفاقي وزيرن کي طلب ڪري ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


لاهور:

اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف وفاقي بجيٽ جي تياري لاءِ وفاقي وزيرن کي طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جي حوالي سان وفاقي بجيٽ جي تياري مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي مشاورت سان مڪمل ڪئي ويندي.

ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف بجيٽ بابت مشاورتي اجلاس لاءِ وفاقي وزيرن کي جاتي امرا جي دعوت ڏني آهي ۽ وفاقي وزير علي پرويز سميت ڪيترائي وزير مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جاتي امرا ويندا.

وفاقي وزير نواز شريف کي 27-2026ع جي بجيٽ بابت بريفنگ ڏيندا. ملاقات دوران نواز شريف کي بجيٽ ۾ تجويز ڪيل ٽيڪسن ۽ آءِ ايم ايف جي صورتحال کان به آگاهه ڪيو ويندو.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪري رهي آهي، جنهن کانپوءِ بجيٽ کي حتمي شڪل ڏني ويندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment