آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران تي سڀ کان وڏي فوجي حملي جي اجازت ڏيڻ جي ويجهو آهي.
آمريڪي خبرون ڏيندڙ اداري سان ڳالهه ٻولهه ۾ صدر ٽرمپ چيو ته مان ايران تي هڪ تمام وڏي حملي تي غور ڪري رهيو آهيان، جيڪو گذريل سمورن حملن کان تمام وڏو هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته اڃا تائين حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي. سمورا فوجي آپشن غور هيٺ آهن. مان فيصلي جي بلڪل ويجهو آهيان ۽ سموريون تياريون مڪمل آهن.
آمريڪي صدر ٽرمپ اها به دعويٰ ڪئي ته هو چاهي ته اسرائيل ٻن منٽن ۾ آپريشن ۾ شامل ٿي ويندو پر اسان کي ڪنهن جي ضرورت ناهي.
ان کان اڳ ايران جي حمايت يافته يمني حوثي باغين جي ريڊ سمنڊ ۾ ٻن سعودي آئل ٽينڪرز تي حملي کانپوءِ آمريڪي صدر ايران ۽ حوثي ٻنهي کي سزا ڏيڻ جي به ڌمڪي ڏني هئي.
صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي لکيو ته جيڪڏهن حوثي ٻيهر اهڙا حملا ڪندا ته آمريڪا ان کي ايران جو عمل سمجهندو ڇو ته حوثي هڪ گروپ آهي جنهن جي حمايت ڪئي پئي وڃي.
ٻئي طرف وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ برنٽ خام تيل جي قيمت هڪ ڀيرو ٻيهر 100 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي آهي.
بحر احمر ۽ باب المندب ۾ شپنگ جي خطرن عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ خدشا پيدا ڪيا آهن.
ان دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي رهي آهي. علائقو مسلسل وڌندڙ تڪرار ۾ جڪڙيل آهي. هڪ بحران ٻئي بحران کي جنم ڏئي رهيو آهي ۽ هر نئين ٽينشن ايندڙ ڇڪتاڻ کي جنم ڏئي رهي آهي.


