عدالتي ڪمري ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سان بدتميزي ۽ تلخ لفظ، وڪيل کي توهين عدالت جو نوٽيس

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد سليم جيسر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪمري ۾ جسٽس کي روڪڻ تي وڪيل طرفان بدتميزي ۽ سخت لفظن ۾ جملن جي ڏي وٺ تي ايڊووڪيٽ غلام اڪبر جتوئي ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل نوٽيس ۾ جسٽس محمد سليم جيسر چيو آهي ته عدالتي وارننگ باوجود توهين آميز رويو اختيار ڪيو. لکت ۾ ٻڌايو ته توهان کي توهين عدالت ۾ ڇو نه گرفتار ڪيو وڃي. عدالت سنڌ بار ڪائونسل ۽ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر کي وڪيل خلاف ڪارروائي لاءِ خط به لکي ڇڏيو آهي. غلام اڪبر جتوئي ايڊووڪيٽ خلاف 80 ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ياد رهي ته 20 اپريل تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل غلام اڪبر جتوئي ايڊووڪيٽ وچ ۾ سخت تلخ کلامي ٿي هئي. ڄاڻايل وڪيل عدالت سان بدتميزي به ڪئي جڏهن ته جج کيس روڪيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment