انتهاپسند مودي ۽ آر ايس ايس جي غنڊن هندستان ۾ اقليتن جي زندگي اجڙي وئي آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


هڪ بين الاقوامي تحقيقي اداري ڀارت ۾ اقليتن خلاف ٿيندڙ ظلمن تي بي جي پي قيادت خلاف عالمي پابندين جو مطالبو ڪيو آهي.

ميڊيا رپورٽن مطابق سينٽر فار دي اسٽڊي آف آرگنائزڊ هيٽ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رابي حميد چيو آهي ته آمريڪي ڪميشن آن انٽرنيشنل ريليجيس فريڊم کي ڀارتي انتها پسند هندو اڳواڻن ۽ گروپن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

عالمي جرنل ٽي آر ٽي موجب انٽرنيشنل ريسرچ آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مودي، يوگي آدتيه ناٿ ۽ همانتا بسوا کي اقليتن خلاف ٿيندڙ ظلمن جي پاڙ قرار ڏنو.

هندو انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس، بجرنگ دل ۽ وشو هندو پريشد پاران اقليتن تي ظلم ۽ تشدد ڪيو ويندو آهي. ڀارت ۾ مسلمانن تي تشدد ۽ رياستي سطح تي ملڪيتن جي ضبطي جا واقعا خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن.

آسام ۾ 2021 کان 2026 تائين مسلمانن جا 22 هزار کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ لکين ماڻهن کي بي دخل ڪيو ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment