ٽرمپ ۽ ايران ڊيل جي اشارن تي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل 100 ڊالر کان به هيٺ اچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امڪاني ڊيل جي خبرن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جڏهن ته سيڙپڪارن به مثبت رجحان پيدا ڪيو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ برنٽ خام تيل جي قيمتن ۾ 7 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 100 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي. ٻئي طرف آمريڪي خام تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي قيمت ۾ به 8 سيڪڙو جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ اهو 92 ڊالر في بيرل تي واپار جاري رهيو.

ماهرن موجب تيل جي قيمتن ۾ اها گهٽتائي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امڪاني ڊيل جي خبرن کانپوءِ آئي آهي. عالمي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻئي ملڪ جنگ جي خاتمي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ وڏي معاهدي جي ويجهو پهچي ويا آهن.

رپورٽن مطابق ايران طرفان ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ڪيترن ئي اهم نقطن تي باضابطه جواب جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل معاهدي ۾ يورينيم جي افزودگي کي محدود ڪرڻ تي ايران جي رضامندي شامل آهي جڏهن ته آمريڪا طرفان ايران تي لاڳو ڪجهه پابندين ۾ نرمي ۽ منجمد ايراني فنڊ جاري ڪرڻ شامل آهن.

ذريعن موجب هڪ صفحي تي ٻڌل مفاهمت جي يادداشت ۾ آبنائے هرمز ۾ سامونڊي ٽريفڪ تي پابندي ختم ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي، جنهن سان عالمي تيل جي سپلاءِ معمول تي آڻڻ جي اميد وڌي وئي آهي.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن ”پراجيڪٽ فريڊم“ کي عارضي طور تي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ تيل جا اگهه به گهٽجي ويا هئا. بهرحال، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ هڪ ممڪن معاهدي جي خبر اڄ عالمي توانائي مارڪيٽ تي وڌيڪ مثبت اثر هئا.

معاشي تجزيه نگارن موجب جيڪڏهن واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ڪو معاهدو ٿي وڃي ٿو ته نه رڳو عالمي تيل مارڪيٽ ۾ استحڪام ايندو پر خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي سان عالمي معيشت تي به هاڪاري اثر پوندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment