پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز سرحد پار حملن جو ڀرپور جواب ڏنو ۽ افغان طالبان جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
افغان ميڊيا به پاڪستان هٿان بزدل افغان طالبان حڪومت جي شرمناڪ شڪست جي تصديق ڪئي آهي. افغان ميڊيا ”افغانستان انٽرنيشنل“ موجب پاڪستاني سڪيورٽي فورسز سان تازين ڇڪتاڻ کانپوءِ افغان طالبان نورستان ۽ ڪناڊا صوبن ۾ سرحدي چوڪن تان فرار ٿي ويا.
افغان ميڊيا موجب قبائلي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته افغان طالبان سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن ۽ پنهنجي تباهه ڪندڙ شڪست کي لڪائڻ لاءِ غلط معلومات پکيڙي رهيا آهن. افغان طالبان حڪومت جي غفلت عوام کي بک مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
ماهرن موجب طالبان حڪومت خلاف تازيون ڪارروايون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ڪنهن به قسم جي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. پاڪستان دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي واضح پيغام ڏنو آهي ته دهشتگردن جي سرپرستي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.


