واشنگٽن/ تهران: آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ نئين جنگ بندي جي تجويز جا تفصيل سامهون آيا آهن، جنهن تحت ٻئي ملڪ مرحليوار معاهدي ذريعي جنگ ختم ڪرڻ، آبنائے هرمز ۾ سامونڊي ٽريفڪ بحال ڪرڻ ۽ وسيع تر ڳالهيون شروع ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز موجب تجويز ڪيل معاهدو مفاهمت جي ياداشت جي صورت ۾ طئي ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد خطي ۾ جاري بحران کي گهٽائڻ ۽ عالمي واپاري رستن کي ٻيهر محفوظ بڻائڻ آهي.
رپورٽن مطابق آمريڪي منصوبو ٽن مرحلن تي مشتمل آهي. پهرين مرحلي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ جي خاتمي جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو. ٻئي مرحلي ۾ آبنائے هرمز ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ جهازن جي آمد و رفت کي بحال ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ 30 ڏينهن جي ڳالهين جو دور شروع ٿيندو جنهن ۾ اهم سياسي ۽ ايٽمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
آمريڪي ميڊيا موجب واشنگٽن ايران جي سامهون 14 نقاطي منصوبو رکيو آهي جنهن تحت ايران کي گهٽ ۾ گهٽ 12 سالن تائين يورينيم افزودگي روڪڻ ۽ ايٽمي هٿيار تيار نه ڪرڻ جي ضمانت ڏيڻي پوندي. ان کان علاوه ايران کي 440 ڪلوگرام افزوده ڪيل يورينيم به 60 سيڪڙو حوالي ڪرڻو پوندو.
ان جي بدلي ۾، آمريڪا تدريجي طور تي ايران تي اقتصادي پابنديون آسان ڪندو، منجمد ايراني اثاثن ۾ اربين ڊالر بحال ڪندو، ۽ ايراني بندرگاهن تي آمريڪي بحري بندش کي ختم ڪندو.
رپورٽن مطابق، ٻئي ملڪ معاهدي تي دستخط ڪرڻ جي 30 ڏينهن اندر هرمز جي آبنائي کي مڪمل طور تي ٻيهر کولڻ تي راضي ٿي سگهن ٿا، جنهن جي اميد آهي ته عالمي تيل جي فراهمي ۽ توانائي جي مارڪيٽن کي مستحڪم ڪيو ويندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهو معاهدو ڪامياب ٿي ويو ته وچ اوڀر ۾ جيڪا ڇڪتاڻ گذريل ڪيترن ئي هفتن کان جاري آهي ان ۾ نمايان گهٽتائي ٿي سگهي ٿي ۽ عالمي معيشت تي دٻاءُ به گهٽجڻ جو امڪان آهي.


