برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر روسي جيٽ فيول ۽ ڊيزل جي درآمد تي پابندين کي گهٽائڻ جي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو آهي ته اهو قدم برطانوي عوام کي توانائي جي اگهن ۾ واڌ کان بچائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب برطانوي حڪومت هڪ نئون ٽريڊ پرمٽ جاري ڪيو آهي جنهن تحت روسي خام تيل مان پيدا ٿيندڙ جيٽ فيول ۽ ڊيزل کي ٽين ملڪن خاص طور تي ڀارت ۾ ريفائن ڪرڻ کانپوءِ برطانيا ۾ درآمد ڪري سگهجي ٿو.
برطانوي ڊپارٽمينٽ آف ٽريڊ موجب اهو لائسنس اڻڄاتل مدي لاءِ جاري ڪيو ويو آهي پر ان جو وقت بوقت جائزو ورتو ويندو.
حڪومت پڻ عارضي طور تي ڪجهه روسي پلانٽس مان مائع قدرتي گئس تي پابنديون گهٽائي ڇڏيون آهن.
وزير اعظم ڪيئر اسٽارمر جو چوڻ آهي ته اهي ٻئي لائسنس محدود مدي لاءِ ۽ ڪجهه شرطن تحت جاري ڪيا ويا آهن ته جيئن نيون پابنديون مرحليوار لاڳو ٿي سگهن ۽ برطانوي صارفين کي سخت مهانگائي کان بچائي سگهجي.
ٻئي طرف مخالف ڌر پارٽين ان فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي آهي. اپوزيشن ليڊر ڪريمي بيڊنوخ الزام لڳايو آهي ته برطانيه يوڪرين ۾ جنگ لاءِ روس کي مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي روسي تيل خريد ڪري.
ياد رهي ته 2022 ۾ روس جي يوڪرين تي حملي کانپوءِ برطانيه روس خلاف سخت پابنديون لاڳو ڪيون هيون، جنهن ۾ تيل جي برآمد ۽ هزارين روسي ماڻهن ۽ ڪمپنين تي پابنديون شامل آهن.
اهو فيصلو هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ توانائي جو بحران شدت اختيار ڪري رهيو آهي.


