ايران آمريڪا تڪرار ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستاني قيادت جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ والاريل ڪشمير ۾ پاڪستان جي حق ۾ پوسٽر لڳايا ويا.
مظالم ۽ قتل عام جي باوجود قابض ڀارت ڪشميرين جي دلين مان پاڪستان جي محبت کي ختم نه ڪري سگهيو آهي، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام ايران آمريڪا جنگ بندي تي پاڪستاني قيادت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا اين ڊي ٽي وي موجب ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڊوڊا ۾ پاڪستان جي حق ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ پوسٽر سان گڏ سبز چنڊ پاڪستاني جهنڊو به ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته پوسٽر ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي آمريڪا-ايران جنگبندي تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي.
اين ڊي ٽي وي موجب پاڪستان جي حق ۾ اهي پوسٽر ڄمون ۽ ڪشمير يوٿ موومينٽ طرفان لڳايا ويا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي پوليس پاڪستان جي حق ۾ پوسٽر لڳائڻ تي ايف آءِ آر به داخل ڪري ورتي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ ڪشميرين تي وحشیانه تشدد باوجود ڪشميري عوام جون دليون پاڪستان سان ڌڙڪن ٿيون ۽ لکين جي تعداد ۾ قابض فوج جي موجودگي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائي نٿو سگهي.
جنگ ۾ شاندار ڪاميابين ۽ سياسي ۽ فوجي سفارتڪاريءَ جي ڪري هڪ خالص علائقائي استحڪام ڏيندڙ جي حيثيت سان پاڪستان جي ڪردار کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي.


