برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر اعلان ڪيو آهي ته حڪومت ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ايران جي انقلابي گارڊ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪندي.
برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز موجب تجويز ڪيل قدم جو مقصد ايران جي مذهبي حڪومت جي تنقيد ڪندڙن ۽ مختلف يهودي گروهن جي مطالبن کي پورو ڪرڻ آهي، جيڪي ڊگهي عرصي کان تنظيم خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
جيڪڏهن منظور ڪيو ويو ته، قانون برطانيه جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هوندو ته هڪ خودمختيار ملڪ جي باقاعده هٿياربند فوج کي دهشتگرد تنظيم طور نامزد ڪيو ويندو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي. ان کان اڳ برطانيا ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت صرف غير رياستي تنظيمن کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو هو.
ٻئي طرف يورپي يونين اڳ ئي فيبروري ۾ ايران جي انقلابي گارڊز کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي، جنهن کانپوءِ برطانيا جو اهو ممڪن قدم مغربي ملڪن جي پاليسي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪري سگهي ٿو.
ماهرن موجب اهو فيصلو خطي جي سياست، سفارتي لاڳاپن ۽ سلامتي جي صورتحال تي گهرا اثر وجهي سگهي ٿو، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ايران ۽ مغربي دنيا وچ ۾ ڇڪتاڻ پنهنجي عروج تي آهي.


