تهران: ايران جي پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هن اسرائيل جي ٻن اهم هوائي اڏن نيواتيم ۽ تل نوف کي ميزائل حملن سان نشانو بڻايو آهي.
پاسداران انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي آپريشن ايران جي مختلف علائقن ۾ قائم ڪيترن ئي راڊار تنصيبات تي اسرائيل جي حملن جي جواب ۾ ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه منٽ اڳ اسرائيل جي ٻن فوجي اڏن تي حملو ڪيو ويو هو.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ملڪ جي ٽن مختلف علائقن ۾ ريڊار سينٽرز کي نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ جوابي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.
Nivatim ۽ Tel Nof اسرائيل جا اهم هوائي اڏا آهن ۽ اسرائيلي هوائي فوج جون ڪيتريون ئي اهم سرگرميون انهن بيسز تان ٿينديون آهن. ايراني بيان حملن جي نتيجن يا ممڪن نقصان بابت تفصيل فراهم نه ڪيو.
ٻئي طرف اسرائيلي اختيارين طرفان ايراني دعويٰ تي فوري طور تي ڪو به تفصيلي جواب ناهي آيو. جيتوڻيڪ آزاد ذريعن حملن جي اثر يا نقصان جي فوري طور تي تصديق نه ڪري سگهيا آهن.
ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ خطي ۾ سيڪيورٽي خدشن کي وڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته عالمي برادري ٻنهي ملڪن کي اپيل ڪري رهي آهي ته هو تحمل کان ڪم وٺن ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن.
تجزيه نگارن موجب جيڪڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ جوابي حملن جو سلسلو جاري رهيو ته وچ اوڀر جي صورتحال وڌيڪ پيچيده ۽ غير مستحڪم ٿي سگهي ٿي.


