انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن انڪشاف ڪيو آهي ته آبنائے هرمز ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب لڳ ڀڳ 2 هزار جهاز ڦاٿل آهن، جنهن ۾ 20 هزار ملاح سخت ڏکيائين جو شڪار آهن.
رپورٽ موجب اها صورتحال ان وقت پيدا ٿي جڏهن ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪاررواين کانپوءِ خطي ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب ٿي وئي. متاثر ٿيل جهازن ۾ تيل ۽ گئس جا ٽينڪر، مال بردار جهاز، بلڪ ڪيريئر ۽ سياحتي کروز لائينر شامل آهن.
آءِ ايم او موجب جنگ جي شروعات کان وٺي آبنائي هرمز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 19 حملا ٿي چڪا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ملاح مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿيا آهن. تنظيم خبردار ڪيو آهي ته سمنڊ ۾ ڦاٿل جهازن ۾ خوراڪ، ٻارڻ ۽ پاڻي جي سخت کوٽ آهي.
آئي ايم او جي ميري ٽائيم سيفٽي ڊويزن جي ڊائريڪٽر ڊيمين شيولر چيو آهي ته جديد دور ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ ملاحن کي گڏ ڪري بيٺو آهي.
تنظيم سڀني ڌرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڇڪتاڻ کي گهٽايو وڃي ته جيئن ڦاٿل ملاحن کي محفوظ طريقي سان ڪڍي سگهجي. ماهرن موجب جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته عالمي واپار، توانائي جي فراهمي ۽ بحري ٽرانسپورٽ تي سخت اثر پئجي سگهن ٿا.


