ڪراچي؛ ميڊيا ٽائون ۾ سولر لائيٽ جي چوري تي صحافين سخت ڳڻتي جو اظهار

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ميڊيا ٽائون هاڪس بي ۾ چورين ۽ ڦرن جي واقعن ۾ خوفناڪ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري صحافين ۾ سخت پريشاني پکڙجي وئي آهي. تازو ئي هڪ واقعي ۾ اڻڄاتل چور سوسائٽي ۾ لڳل سولر لائيٽن جا پول ڪٽي ڇڏيا آهن، جيڪو نه رڳو حيران ڪندڙ پر سيڪيورٽي جي حوالي سان به وڏو سواليه نشان آهي. صحافين جو چوڻ آهي ته ميڊيا ٽائون ۾ سولر لائيٽن جا پينل ۽ پول اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير جي خاص هدايتن تي نصب ڪيا ويا هئا ته جيئن علائقي ۾ لائٽنگ ۽ سيڪيورٽي کي بهتر بڻائي سگهجي، پر هاڻ ان تنصيب جي چوري انتظامي لاپرواهي ظاهر ڪري ٿي. ميڊيا ٽائون جي رهواسي صحافين جو چوڻ آهي ته رات جي وقت اسٽريٽ لائيٽون نه هجڻ سبب ڏوھارين کي آزاد ٿڌ پئجي ويو آھي، جنھن سبب ڌاڙن، چوري ۽ ٻين واقعن ۾ مسلسل اضافو ٿي رھيو آھي. هن مطالبو ڪيو ته فوري حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن ۽ پوليس جو گشت وڌايو وڃي. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فضل جمالي، سيڪريٽري اسلم خان ۽ مجلس عامله سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي ته صحافين جو معاشرو به ڏوهارين کان محفوظ ناهي. سولر لائيٽن جا پول ڊاهڻ انتظاميه ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي آهي. هن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي فوري طور گرفتار ڪري ميڊيا ٽائون ۾ مستقل بنيادن تي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. پريس ڪلب جي اهلڪارن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي سڪيورٽي مسئلن بابت آگاهه ڪيو آهي پر ڪو به خاطر خواهه قدم نه کنيو ويو آهي. هاڻي صورتحال ان حد تائين پهچي چڪي آهي جو سرڪاري سهولتون به محفوظ نه رهيون آهن. هن سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ڪراچي پوليس چيف ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميڊيا ٽائون ۾ وڌندڙ واقعن جو فوري نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري علائقي ۾ فول پروف سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment