سمندري معاملن واري وفاقي وزير جنيد انور چوڌري گوادر پورٽ تي ٽيرف ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن بين الاقوامي ٽرانزٽ ٽريفڪ کي وڌايو وڃي. جنيد انور چوڌري جو چوڻ هو ته ڪنٽينر جهازن جي برٿنگ فيس ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، انٽرنيشنل ٽرانسپمينٽ ڪنٽينرز جي پورٽ چارجز ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ٽرانزٽ ڪنٽينر ڪارگو تي پورٽ چارجز ۾ 31 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير جنرل سامان لاءِ هڪ مهيني جي مفت اسٽوريج جي سهولت متعارف ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي جنيد انور چوڌري چيو ته ٽرانزٽ ۽ ٽران شپمينٽ ڪارگو کڻي ايندڙ جهازن کي وڏو رليف ڏنو ويو آهي، ٻين قومي بندرگاهن جي ڀيٽ ۾ رڪارڊ رعايتون ڏنيون پيون وڃن، گوادر کي ريجنل لاجسٽڪ سينٽر بڻائڻ جي پاليسي تي عمل شروع ڪيو ويو آهي. جنيد انور چوڌري چيو ته نئين ٽيرف سان شپنگ لائينز جي آپريشنل لاڳت ۾ نمايان گهٽتائي جو امڪان آهي، گوادر بندرگاهه تي ڪارگو هينڊلنگ ۾ واڌ سان معاشي سرگرميون تيز ٿينديون، روزگار جا نوان موقعا ۽ لاجسٽڪ شعبي ۾ واڌ جو امڪان آهي. گوادر پورٽ جي چيئرمين نورالحق بلوچ چيو ته بلوچستان ۾ روزگار جا موقعا وڌڻ جا امڪان آهن، نئين ٽيرف ڍانچي سان واپار کي هٿي ملندي.
Source link

بين الاقوامي ٽرانزٽ ٽريفڪ کي وڌائڻ لاءِ گوادر پورٽ تي ٽيرف ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي جو فيصلو
Leave a Comment Leave a Comment

