اتر ڪوريا جو واضح اعلان آهي ته ايٽمي پروگرام تي ڪو به معاهدو نه ٿيندو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پيانگ يانگ:

اتر ڪوريا واضح ڪيو آهي ته ان جو ڪو به ارادو نه آهي جوهري هٿيارن جي عدم پکيڙ (NPT) جي معاهدي تي ٻيهر شامل ٿيڻ جو.

اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا موجب حڪومت موقف اختيار ڪيو آهي ته ملڪ پنهنجي دفاعي پاليسي ۽ ايٽمي پروگرام تي ڪو به عالمي دٻاءُ قبول نه ڪندو.

رياستي خبرن جي ايجنسي ٻڌايو ته پيانگ يانگ پاڻ کي NPT سان لاڳاپيل ڪنهن به شرطن يا ذميوارين جو پابند نه سمجهي.

گڏيل قومن ۾ اتر ڪوريا جي مستقل نمائندي ڪم سونگ پنهنجي بيان ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڪجهه طاقتون گڏيل قومن ۾ جاري اين پي ٽي جي جائزي واري اجلاس کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن.

هن چيو ته اتر ڪوريا جي ايٽمي پروگرام کي بار بار موضوع بڻائي عالمي ماحول ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اهڙا عمل خطي ۾ بي اعتمادي پيدا ڪرڻ بدران وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪري رهيا آهن.

ياد رهي ته اتر ڪوريا ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ايٽمي پروگرام کي قومي سلامتي لاءِ ناگزير قرار ڏئي چڪو آهي جڏهن ته آمريڪا ۽ مغربي ملڪ ان پروگرام کي عالمي امن لاءِ خطرو سمجهن ٿا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment