آمريڪا جي مالي سال 2027ع جي دفاعي بجيٽ ۾ ڊرامائي واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، بجيٽ ۾ تقريبن 42 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.
پينٽاگون طرفان جاري ڪيل تفصيل موجب تجويز ڪيل دفاعي بجيٽ 1.5 ٽريلين ڊالر تائين پهچي سگهي ٿي، جيڪا آمريڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي دفاعي بجيٽ هوندي.
رپورٽن مطابق هن وڏي بجيٽ ۾ جهازن، جديد جنگي جهازن ۽ ميزائل دفاعي منصوبي ’گولڊن ڊوم‘ لاءِ 750 ارب ڊالر مختص ڪيا ويا آهن.
آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته هن بجيٽ جو وڏو حصو جديد هٿيارن ۽ نئين ٽيڪنالاجي جي ترقي تي خرچ ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ڊرون ۽ اينٽي ڊرون سسٽم لاءِ 74 ارب ڊالر ۽ خلائي دفاعي پروگرامن لاءِ 75 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ان کان علاوه ’گولڊن ڊوم‘ ميزائل دفاعي منصوبي لاءِ 18 ارب ڊالر ۽ آمريڪا-ميڪسيڪو سرحد جي سيڪيورٽي لاءِ 2.3 بلين ڊالر رکڻ جي تجويز پڻ شامل آهي.
تجزيه نگارن موجب ان وڏي واڌ جو هڪ سبب تازو عالمي ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال آهي، جنهن سبب آمريڪا پنهنجي دفاعي نظام کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو.


