برطانوي وزيراعظم جي ڪرسي خطري ۾، 4 وزير استعيفيٰ ڏئي ڇڏيا، استعيفيٰ جو دٻاءُ شدت اختيار ڪري ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي حڪومت سخت سياسي دٻاءُ کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ کيس مڪاني چونڊن ۾ خراب نتيجن کانپوءِ استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. برطانوي ميڊيا رپورٽن موجب اسٽارمر جي ڪابينا جي 4 وزيرن به احتجاج ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽن مطابق حڪمران ليبر پارٽي جي 80 کان وڌيڪ ايم پي ايز وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور استعيفيٰ ڏئي يا عهدو ڇڏڻ جو واضح شيڊول ڏئي.

ٻئي طرف 100 کان وڌيڪ ليبر ايم پي ايز به ڪيئر اسٽارمر جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي ۽ کيس پارٽي اندر پنهنجي قيادت برقرار رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

برطانوي ميڊيا موجب ليبر پارٽي کي نئين اڳواڻ جي چونڊ جو عمل شروع ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 81 ميمبرن جي حمايت جي ضرورت آهي، جنهن بعد سياسي حلقن ۾ قيادت جي تبديلي بابت بحث تيز ٿي ويو آهي.

وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر استعيفيٰ واري ڪالز کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪابينا کي خطاب ۾ چيو ته هو چونڊن ۾ ناڪامي جي ذميواري قبول ڪن ٿا پر هن وقت حڪومت کي ملڪ هلائڻ ۽ عوامي مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته پارٽي ۾ قيادت جي تبديلي لاءِ واضح طريقيڪار موجود آهي پر اڃا تائين باضابطا طور تي عمل شروع ناهي ڪيو ويو.

ٻئي طرف برطانوي نائب وزيراعظم ڊيوڊ ليمي وزيراعظم جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته في الحال ڪنهن به مخالف گروپ وٽ اسٽارمر کي هٽائڻ لاءِ گهربل سهڪار ناهي.

سياسي تجزيه نگارن موجب، تازو مڪاني چونڊن ۾ ليبر پارٽيءَ جي خراب ڪارڪردگيءَ پارٽيءَ اندر ورهاست کي نمايان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان برطانيه جي سياست ۾ غير يقيني صورتحال ۾ اضافو ٿيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment