بي جي پي جي ڪٺ پتلي مودي حڪومت جي سياحت واري سفارتڪاري کي بدترين ڌڪ لڳو آهي، سڄي دنيا ۾ ڀارتي سياحن کي نقصان پهتو آهي.
هندستاني سياح پنهنجي بدتميزيءَ ۽ ناقص سماجي شعور جي ڪري سڄي دنيا ۾ تباهي مچائي رهيا آهن، جنهن ڪري ٿائيلينڊ هندستاني سياحن تي سخت ويزا ضابطا لاڳو ڪري ڇڏيا آهن، جيڪو هڪ ٻئي محاذ تي مودي جي سفارتڪاريءَ لاءِ وڏو ڌڪ آهي.
ڀارتي جرنل اڪنامڪ ٽائمز موجب ٿائلينڊ ڀارت لاءِ ويزا فري داخلا ختم ڪندي نئين اميگريشن پاليسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت ڀارت کي به ويزا آن ارائيول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب 2024ع ۾ متعارف ڪرايل عارضي ويزا ويور اسڪيم تحت ڀارتي سياح هاڻي ٿائلينڊ ۾ ويزا کانسواءِ داخل نه ٿي سگهندا، ٿائي حڪومت اميگريشن قانونن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي ويزا پاليسي ۾ وڏيون تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اڪنامڪ ٽائمز موجب ويزا جو غلط استعمال، غير قانوني روزگار ۽ پرڏيهين سان لاڳاپيل سيڪيورٽي خدشن کي پاليسي ۾ تبديلي جا اهم سبب قرار ڏنو ويو آهي.
ان کان سواءِ ويٽنام، ڀوٽان سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ هندستاني سياحن جي غير اخلاقي رويي به هندستاني تهذيب کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.
عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته هندستاني سياحن لاءِ دنيا جي اڪثر ملڪن جي سخت ويزا پاليسي هندستان جي سياحت جي سڃاڻپ کي ڌڪ آهي. هندستاني سياح سڄي دنيا ۾ انتهاپسندي، بي رحمي ۽ زبردستي بي حيائي جي علامت بڻجي ويا آهن.


