بن قاسم ٽائون پوليس ڪارروائي ڪندي پيءُ کي قتل ڪندڙ پٽ کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيل پٽ جاچ دوران پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. تفصيل موجب 25 مئي تي بن قاسم ٽائون ٿاڻي جي حد ميريگوٿ واري علائقي ۾ 47 ورهين جي لطف علي ولد غلام محمد کي ڳچيءَ ۾ تيز چاقو جا وار ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق فوري نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت ڪئي هئي. هوڏانهن بن قاسم ٽائون پوليس ٽيڪنيڪل اطلاع تي ڪارروائي ڪندي واقعي ۾ ملوث عاطف پٽ لطف علي ولد لطف علي ولد غلام محمد کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران پٽ انڪشاف ڪيو آهي ته واقعو گهريلو تڪرار تان پيش آيو آهي. جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته گرفتار جوابدار عيد کان اڳ شاهه ٽائون مان قتل جو هٿيار (چاقو) خريد ڪيو هو جڏهن ته پيءُ کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي هئي. واقعي دوران مقتول پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جوابدار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر جوابدار بيدردي سان سندس پيءُ کي بار بار ڇري جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جاچ دوران پٽ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، گرفتار جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ونگ جي حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
Source link

ڪراچي؛ بي رحم پٽ جنهن پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو هو گرفتار ٿي ويو ۽ اعتراف ڪيو ويو
Leave a Comment Leave a Comment

