هڪ اسرائيلي صحافي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران تي ممڪن فوجي حملي ۾ دير ڪرڻ جي سبب بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي.
اسرائيلي صحافي بارڪ رويد آمريڪي ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارتن آمريڪا کي واضح پيغام ڏنو هو ته جيڪڏهن ايران تي حملو ٿيو ته ان جا نتيجا ۽ نقصان خليجي ملڪن کي ڀوڳڻو پوندو.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي صحافي جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، قطر جي امير تميم بن حمد ۽ يو اي اي جي صدر زيد النحان سان رابطو ڪيو.
رپورٽ موجب دوحه، رياض ۽ ابوظهبي گڏيل طور تي آمريڪي صدر تي زور ڏنو ته هو ايران خلاف فوجي ڪارروائي بدران ڳالهين جو موقعو ڏئي ڇو ته جنگ جي صورت ۾ نار ملڪن جي تيل ۽ توانائي جون سهولتون سخت خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون.
اسرائيلي صحافي موجب صدر ٽرمپ ايران تي حملي جي حمايت ڪندڙ پنهنجي ويجهن صلاحڪارن ۽ اتحادين کي به ان صورتحال کان آگاهه ڪيو. ٽرمپ چيو ته نار جا اتحادي خطي ۾ توانائي جي سهولتن تي وڌيڪ تباهي ۽ حملن کان بچڻ چاهين ٿا.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ سومر جي رات سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي اعلان ڪيو هو ته سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات جي درخواست تي ايران تي رٿيل فوجي حملي ۾ دير ڪئي پئي وڃي.
ٽرمپ موجب انهن اڳواڻن موقف اختيار ڪيو ته سنجيده ڳالهيون جاري آهن ۽ اهڙو معاهدو ممڪن آهي جيڪو آمريڪا، وچ اوڀر ۽ عالمي برادري لاءِ قابل قبول هجي. آمريڪي صدر چيو ته ان ڊيل جو بنيادي مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري سگهي.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هن جنگ واري سيڪريٽري پيٽ هوگسٿ، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڊينيئل ڪائن ۽ آمريڪي فوج کي هدايت ڪئي آهي ته هو هن وقت ايران تي رٿيل حملو نه ڪن.


