نار عمان جي ويجهو آئل ٽينڪر تي حملي کانپوءِ واقعي جي سبب بابت مختلف قسم جا اندازا لڳايا پيا وڃن، جڏهن ته تهران جي هڪ تجزيه نگار حملي کي ايراني مائن ڪليئرنس آپريشن سان ڳنڍيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب تهران سان تعلق رکندڙ سياسي ۽ دفاعي تجزيه نگار حسين راويران چيو آهي ته اڃا تائين اهو واضح ناهي ته آئل ٽينڪر کي نشانو ڇو بڻايو ويو، جڏهن ته ايران واقعي تي سرڪاري بيان جاري ناهي ڪيو.
هن چيو ته هڪ امڪان اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهو جهاز نادانستگي سان ڪنهن سامونڊي علائقي ۾ داخل ٿي ويو هجي جتي ايراني بحري ٽيمون مائن ڪليئرنس آپريشن ۾ مصروف هيون.
حسين راويران موجب نار عمان جي ويجھو ڪجهه حساس سامونڊي علائقن ۾ بارودي سرنگن جي موجودگي جو خدشو آهي، ان ڪري جيڪڏهن ڪو تجارتي جهاز انهن علائقن ۾ غير متوقع حرڪت ڪري ٿو ته اهو ايراني آپريشنز ۾ رڪاوٽ يا خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته هن مرحلي تي ڪو به حتمي نتيجو ڪڍڻ وقت کان اڳ هوندو ۽ واقعي جي اصل نوعيت ان وقت تائين واضح نه ٿي سگهندي جيستائين لاڳاپيل اختيارين پنهنجي جاچ مڪمل نه ڪندا يا سرڪاري معلومات جاري نه ڪندا.
ٻئي طرف مختلف عالمي ذريعن ۽ آمريڪي اختيارين طرفان به ان واقعي جي حوالي سان مختلف دعوائون سامهون اچي رهيون آهن پر اڃا تائين ڪنهن به دعويٰ جي آزاداڻي طور تي تصديق نه ٿي سگهي آهي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز ۽ خليج آف عمان عالمي توانائي جي فراهمي لاءِ اهم سامونڊي رستا آهن، تنهن ڪري انهن علائقن ۾ ڪو به واقعو عالمي واپار، تيل جي مارڪيٽن ۽ علائقائي سلامتي تي گهرا اثر ڇڏي سگهن ٿا.


