اسپين جي هڪ عدالت ٽيڪس فراڊ ڪيس ۾ ڪولمبيا جي ڳائڻي شڪيرا جي حق ۾ تاريخي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن سان ڊگهي قانوني جنگ ختم ٿي وئي. خابرو اداري موجب اسپين جي هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ شڪيرا کي 60 ملين يورو کان وڌيڪ ڏنڊ جي مد ۾ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن ۾ سود به شامل آهي. عدالت قرار ڏنو ته ڳائڻي تي لڳايل الزام ثبوتن جي بنياد تي ثابت نه ٿي سگهيا آهن. عدالتي دستاويزن موجب شڪيرا تي الزام آهي ته هن 2012 کان 2014 تائين اسپين ۾ پنهنجي آمدني تي صحيح ٽيڪس ادا نه ڪيو ۽ مبينا طور تي 14.5 ملين يورو ٽيڪس چوري ڪئي. پراسيڪيوٽر دليل ڏنو ته ان عرصي دوران هوءَ اسپين ۾ رهي رهي هئي، پر ٽيڪس رڪارڊ ۾ پنهنجي رهائش ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڏيکاريندي رهي. ٻئي طرف شڪيرا پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته هوءَ پنهنجي ٻارن سان پرامن زندگي گذارڻ چاهي ٿي ۽ نه چاهيندي ته سندس پٽ پنهنجي ماءُ کي ڊگهي قانوني جنگ ۾ ڏسن. هن جي مطابق، هن ڪيس سان لاڳاپيل ذهني دٻاء ۽ جذباتي مشڪلاتن جو مرحلو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. ڳائڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهه نه مڃيندي چيو ته اسپين جي ٽيڪس اختيارين ساڻس سخت سلوڪ ڪيو. هن ٻڌايو ته 2014 تائين هن جي آمدني جو گهڻو حصو بين الاقوامي موسيقي جي دورن مان آيو ۽ هن گهڻو وقت اسپين کان ٻاهر گذاريو. شڪيرا موجب، هن 2015 ۾ اسپين کي پنهنجي مستقل ٽيڪس رهائش جو اعلان ڪيو ۽ اڳ ۾ ئي 17.2 ملين يورو ٽيڪس ادا ڪري چڪي آهي. عدالتي فيصلي کانپوءِ هاڻي معاملو قانوني طور ڳائڻي جي حق ۾ اچي ويو آهي، جنهن تي سندس مداحن ۽ قانوني ماهرن طرفان مليل رد عمل اچي رهيو آهي.
Source link

شڪيرا ٽيڪس فراڊ ڪيس ۾ بري، اسپين جي عدالت ڏنڊ سود سميت واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

