لبنان ۽ اسرائيل ۾ نئين ترقي، آمريڪا جي نگراني ڪيل فوجي واپسي ۽ ڳالهين جو اعلان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


بيروت: آمريڪي ۽ لبناني اختيارين موجب آمريڪا ڏکڻ لبنان جي ڪجهه علائقن مان اسرائيلي فوج جي بتدريج واپسي جي نگراني ڪندو، جڏهن ته اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ ايندڙ هفتي نئين ڳالهين جو امڪان آهي.

نيوز ايجنسي اي ايف پي موجب آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ قائم ڪيل ابتدائي يا پيلٽ زونز مان اسرائيلي فوج جي واپسي جو عمل ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ان عمل جي نگراني آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ڪندو، جيڪو اسرائيل ۽ لبنان ٻنهي سان رابطي ۾ هوندو.

هڪ آمريڪي اهلڪار چيو آهي ته آمريڪا انهن علائقن ۾ لبناني حڪومت جي قانوني حيثيت کي بحال ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي ڀائيوارن سان به رابطو ڪندو ته جيئن رياستي ادارا مؤثر طريقي سان پنهنجون ذميواريون نڀائي سگهن.

ذريعن موجب لبنان اڳ ۾ واضح ڪري چڪو هو ته هو اسرائيلي فوجن جي واپسي کان سواءِ ڳالهين ۾ حصو نه وٺندو پر هاڻي جڏهن واپسي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ٿيڻ جي راهه هموار ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.

ياد رهي ته 26 جون جي فريم ورڪ معاهدي تحت، اسرائيل ڏکڻ لبنان جي علائقن مان فوج کي بتدريج ڪڍڻ تي اتفاق ڪيو هو جتي هن حزب الله خلاف فوجي آپريشن دوران موجودگي قائم ڪئي هئي.

معاهدي موجب اسرائيلي فوج جي واپسي کانپوءِ لبناني فوج ٻن مخصوص علائقن جو مڪمل انتظام سنڀاليندي، جن کي پائلٽ زون قرار ڏنو ويو آهي. هن اقدام جو مقصد ڏکڻ لبنان ۾ حڪومتي نفاذ کي مضبوط ڪرڻ ۽ سرحد جي تڪرار کي گهٽائڻ آهي.

هينئر تائين، نه اسرائيلي حڪومت ۽ نه ئي لبناني اختيارين مڪمل واپسي جي شيڊول ۽ ڳالهين جي ايجنڊا بابت وڌيڪ تفصيل جاري ڪيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment