نائيجر جي صحارا ريگستان ۾ اڃ ۽ سخت گرمي سبب 50 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب صحارا ريگستان ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ ڦاٿل 50 ڄڻا سخت گرمي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب فوت ٿي ويا.
رپورٽن مطابق مارجي ويل ڄڻا گاڏي ۾ ريگستان پار ڪري رهيا هئا ته رستي ۾ گاڏي جو ٽڪر ٿي پيو. امداد نه ملڻ ۽ گرمي پد جي انتهائي تيز گرمي سبب مسافر ڪيترن ئي ڏينهن کان ٿر ۾ ڦاٿل رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ اڪثر اڃ ۽ سخت گرمي سبب فوت ٿي ويا.
مقامي اختيارين موجب مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، جڏهن ته بچيل ڪجهه ماڻهن کي طبي امداد ڏني وئي آهي.
ياد رهي ته صحارا ريگستان ۾ غير قانوني لڏپلاڻ ۽ مشڪل سفري رستن جي ڪري ماضي ۾ به اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن.


