واشنگٽن:
تجزيه نگار ڊاڪٽر ساجد تارڙ جو اهم وڊيو بيان سامهون اچڻ کانپوءِ سياسي ۽ سفارتي حلقن ۾ هڪ نئون بحث ڇڙي ويو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر ساجد تارڙ دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جلد اسلام آباد جو دورو ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ وڏي سفارتي اڳڀرائي جا امڪان به سامهون اچي رهيا آهن.
هن چيو ته پاڪستان جو راڄڌاني هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سفارتي سرگرمين جو مرڪز بڻجي رهيو آهي ۽ مختلف عالمي طاقتن وچ ۾ رابطا تيز ٿي رهيا آهن.
ڊاڪٽر ساجد تارڙ موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جا اشارا نمايان نظر اچي رهيا آهن جڏهن ته امڪاني جنگبندي بابت اهم اشارا به سامهون اچي رهيا آهن.
هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ نيون اڳڀرائيون ڏسڻ ۾ اچي سگهن ٿيون، جنهن جا اثر سڄي خطي جي سياست تي پوندا.


