مناما: بحرين ۽ گلف ڪوآپريشن ڪائونسل سعودي عرب جي تيل تنصیبات تي حملن جي سخت مذمت ڪندي انهن کي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرناڪ پيش رفت قرار ڏنو آهي.
عالمي ميڊيا رپورٽن موجب بحرين جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران سان تعلق رکندڙ هٿياربند گروپن طرفان سعودي عرب جي تيل جي تنصیبن کي نشانو بڻائڻ علائقائي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ اهڙا حملا خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيا آهن.
پنهنجي بيان ۾ بحرين سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته هو سعودي عرب جي خودمختياري، سلامتي ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ کنيل هر قانوني قدم جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
ٻئي طرف خليجي تعاون ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البدوي به انهن حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عراق ۾ هٿياربند مليشيا طرفان سعودي عرب کي مسلسل نشانو بڻائڻ خطرناڪ اضافو آهي.
هن چيو ته اهي حملا نه رڳو سعودي عرب جي خودمختياري جي واضح خلاف ورزي آهن پر سڄي خطي جي امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ سڌو سنئون خطرو آهي.
جاسم البدوي وڌيڪ چيو ته خليجي تعاون ڪائونسل جا سمورا ميمبر ملڪ مڪمل طور تي سعودي عرب سان گڏ بيٺا آهن ۽ سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ کنيل سمورن فيصلن جي حمايت ڪن ٿا.
هينئر تائين، ايران يا انهن گروپن طرفان ڪو به سرڪاري ردعمل نه آيو آهي جن کي حملن جو الزام آهي.
سياسي مبصرن موجب انهن حملن کانپوءِ نار جي خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته عالمي توانائي مارڪيٽ ۽ علائقائي سفارتي صورتحال به ان پيش رفت سان متاثر ٿي سگهي ٿي.


