افغان حڪومت ۾ اڳوڻو سيڪيورٽي اهلڪار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


بدخشان ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪيورٽي جو اڳوڻو ڊپٽي سربراهه عبدالجميل جويا مارجي ويو.

افغانستان ۾ اڳوڻي سيڪيورٽي اهلڪارن تي تشدد ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا تيز ٿي ويا آهن. سڌ سماءَ واري افغان اخبار دي افغانستان انٽرنيشنل موجب نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سڪيورٽي جو اڳوڻو ڊپٽي سربراهه عبدالجميل جويا بدخشان ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي ويو.

https://img.express.pk/media/videos/1511.mp4

سومر ڏينهن بدخشان صوبي جي علائقي فيض آباد ۾ قاتلاڻي حملي ۾ اڳوڻو سيڪيورٽي اهلڪار سخت زخمي ٿي پيو. اڳوڻو سيڪيورٽي اهلڪار هڪ بااثر شخصيت هو جيڪو بدخشان جي مختلف کاتن ۽ گريٽر بدخشان اربن سيڪيورٽي ڊائريڪٽوريٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.

افغان اخبار ڪابل ناؤ جي رپورٽ موجب اڳوڻي سرڪاري پوليس آفيسر محمد عمر کي اربع تي پکتيڪا جي جاني خيل ضلعي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو.

گذريل هفتي پروان صوبي ۾ اڳوڻي افغان فوجي ڪمانڊر حشمت الله کي اغوا بعد بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment