UAE خلاف ڪوبه ميزائل يا ڊرون حملا؛ ايران

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


گڏيل عرب امارتن الزام لڳايو آهي ته ايران طرفان ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا هئا، جن کي فضائي دفاعي نظام ذريعي ناڪاره بڻايو ويو، پر فجيره بندرگاهه ۾ آئل تنصيب تي ڊرون حملي سان باهه لڳي وئي.

عالمي خابرو اداري موجب ايران جي هٿياربند فوج گذريل ڏينهن متحده عرب امارات تي ڪنهن به ميزائل يا ڊرون حملي جي ترديد ڪندي ان کي بي بنياد قرار ڏنو آهي.

ايران جي ڪمانڊ سينٽر خاتم الانبياء سينٽرل هيڊ ڪوارٽر جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري چيو آهي ته ايران جي هٿياربند فوج گذريل ڏينهن ۾ متحده عرب امارات جي خلاف ڪو به فوجي آپريشن يا هوائي حملو نه ڪيو آهي.

جڏهن ته ترجمان ابراهيم الذوالفقاري اهو به واضح ڪيو ته يو اي اي کي آمريڪا ۽ اسرائيلي فوجين جي موجودگي ۽ سامان لاءِ پناهه نه هئڻ گهرجي ۽ نه ئي پنهنجي سرزمين کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي.

ايران جي ڪمانڊ سينٽر جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ايران هن وقت يو اي اي جي غير منصفانه ميڊيا مهم، بي بنياد الزامن ۽ پروپيگنڊا کي منهن ڏئي رهيو آهي. جنهن ۾ ڪا به حقيقت نه آهي.

ايراني فوج جي ترجمان الزام هڻندي چيو ته گڏيل عرب امارات خطي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جو اهم فوجي مرڪز آهي، جيڪو سندس چوڻ آهي ته مسلمان دنيا جا دشمن ۽ خطي ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهن.

جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان ابراهيم الذوالفقاري سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته جيڪڏهن گڏيل عرب امارات جي سرزمين مان ايران جي ٻيٽن، بندرگاهن يا ساحلي علائقن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي ته ان جو سخت ۽ افسوسناڪ جواب ڏينداسين.





Source link

Share This Article
Leave a Comment