سعودي عرب ’ملٽيپل انٽري ويزا‘ متعارف ڪرايو. هڪ سال ۾ ڪيترائي ڀيرا عمر جي اجازت ڏني وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزارت الله جي مهمانن جي سهولت لاءِ پاليسي ۾ وڏي تبديلي ڪندي نئين سهولت شروع ڪري ڇڏي آهي.

سعودي عرب جي سرڪاري پريس ايجنسي موجب حرم شريف جي نگهبان جي حڪم تي عمره زائرين لاءِ هڪ سال جي ملٽي انٽري عمره ويزا متعارف ڪرائي وئي آهي.

ملٽي انٽري عمره ويزا تحت پرڏيهه مان ايندڙ زائرين هڪ سال ۾ ڪيترائي ڀيرا سعودي عرب ۾ داخل ٿي سگهندا ۽ مجموعي طور تي 90 ڏينهن تائين رهڻ جي اجازت هوندي.

نئين ويزا جاري ٿيڻ جي تاريخ کان 365 ڏينهن لاءِ صحيح هوندي ۽ جيڪڏهن مقرر ڪيل شرطون پوريون ڪيون وڃن ته ان جا هولڊر سال ۾ ڪيترائي ڀيرا عمري لاءِ سعودي عرب جو سفر ڪري سگهندا.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملٽي انٽري ويزا هولڊرز کي هر نئين سفر کان اڳ نِسڪ پليٽ فارم ذريعي منظور ٿيل سروس فراهم ڪندڙ کان سروس پيڪيج خريد ڪرڻو پوندو. ھن پيڪيج جي مدت ويزا جي باقي مدت کان وڌيڪ نه ٿي سگھي.

حج ۽ عمره واري وزارت جو چوڻ آهي ته ان کان علاوه سعودي عرب روانگي کان اڳ ناسڪ ايپ ذريعي عمري جو اجازت نامو وٺڻ لازمي هوندو، ان کانسواءِ عمري جي اجازت نه هوندي.

بيان ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته هي ويزا سعودي عرب مان هر روانگي کانپوءِ پاڻمرادو غير فعال ٿي ويندو ۽ ايندڙ سفر کان اڳ سموريون شرطون پوريون ڪرڻ بعد ٻيهر فعال ڪيو ويندو.

حج ۽ عمره واري وزارت موجب هي ويزا حج سيزن ۾ پهرين ذوالقعد کان 13 ذوالحج تائين استعمال لائق نه هوندو ۽ ان دوران ملٽي ويزا تي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ ممڪن نه هوندو.

ياد رهي ته ان نئين سهولت سان سڄي دنيا جي مسلمانن کي عمري جي سفر جي بهتر رٿابندي ڪرڻ جو موقعو ملندو، جڏهن ته ڊجيٽل سروسز ذريعي حاجين کي به بهتر ۽ تيز سهولتون فراهم ڪيون وينديون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment