صوبائي راڄڌاني اڳتي، ٻيا ضلعا پوئتي؛ ورلڊ بينڪ جي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read



ورلڊ بئنڪ پنهنجي تازي ”اسٽرنٿيننگ فِسڪل فيڊرلزم“ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ صوبائي راڄڌانين ۽ ٻين ضلعن جي وچ ۾ ترقياتي ۽ مالي وسيلن جي ورڇ ۾ وڏي اڻ برابري آهي، جيڪا انساني ترقي ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري کي متاثر ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ فرق بلوچستان ۾ آهي، جتي ڪوئيٽا ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ 475 سيڪڙو في کس سرڪاري خرچ وصول ڪري ٿو، جڏهن ته پنجاب ۾ لاهور 440 سيڪڙو، خيبرپختونخواهه ۾ پشاور 335 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ ڪراچي 178 سيڪڙو وصول ڪري ٿو. ورلڊ بئنڪ موجب، جيتوڻيڪ 2010 ۾ 7 هين اين ايف سي ايوارڊ کانپوءِ صوبائي وسيلن ۾ اضافو ٿيو ۽ گاديءَ ۽ ٻين ضلعن جي وچ ۾ خرچن جو فرق 2009 جي مقابلي ۾ ڪجهه گهٽجي ويو، پر صوبائي راڄڌانين کي اڃا تائين وسيلن جو غير متناسب حصو ملي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان جهڙي ڏکئي صوبي ۾ ڪوئيٽا کي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ في ماڻهو 5 ڀيرا وڌيڪ وسيلا ملن ٿا، جڏهن ته صوبي جي ٻين علائقن ۾ پسماندگي ۽ روزگار جا محدود موقعا سنگين مسئلا آهن. ورلڊ بئنڪ نشاندهي ڪئي ته ضلعن لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ ٻين عنصرن جي بجاءِ سماجي ۽ معاشي ضرورتن، غربت، تعليم، صحت يا انفراسٽرڪچر جي ضرورتن جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ خوشحال ضلعا وڌيڪ وسيلا حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته غريب ضلعا ترقي جي لحاظ کان وڌيڪ پوئتي رهجي ويا آهن. رپورٽ موجب مقامي حڪومتن جو حصو به مسلسل گهٽجي رهيو آهي. 2005ع ۾ ڪل سرڪاري خرچن ۾ مقامي حڪومتن جو حصو اٽڪل 10 سيڪڙو هو، جيڪو 2024ع ۾ گهٽجي صرف 4.7 سيڪڙو تي اچي ويو، جڏهن ته آئيني تقاضائن باوجود اڪثر صوبن ۾ صوبائي مالياتي ڪميشنون فعال نه ٿي سگهيون. عالمي بئنڪ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ خرچن ۾ واڌ باوجود نتيجن تي به سوال اٿاريا آهن. رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه گهٽ خرچن باوجود تعليم جي شعبي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خرچن ۾ واڌ باوجود اسڪولن ۾ داخلا ۽ خواندگي جي شرح ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment