اسلام آباد:
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي خلاف رياستي ادارن تي ڪوڙا الزام هڻڻ ۽ ساک متاثر ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
سينيئر سول جج عباس شاهه ڪيس جي ٻڌڻي دوران سهيل آفريدي جي مسلسل عدم پيشي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت خبردار ڪيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي سهيل آفريدي پيش نه ٿيو ته کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو.
واضح رهي ته نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) سهيل آفريدي خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.


