يوفا جي صدر اليگزينڊر ڪيفرن فيفا سان وڌندڙ اختلافن سبب 2026 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ شرڪت نه ڪئي آهي.
نيوز ايجنسي رائٽرز موجب معاملي کان واقف ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽورنامينٽ دوران ٻنهي عالمي باڊيز وچ ۾ ڊسپلن جي فيصلن، ريفري انتظامن ۽ ميچ آپريشنز سميت ڪيترن ئي معاملن تي سخت اختلاف پيدا ٿيا.
ذريعن موجب سڀ کان وڏو تڪرار فيفا طرفان آمريڪي فارورڊ فولرين بالاگن جي ريڊ ڪارڊ باوجود پاڻمرادو هڪ ميچ جي پابندي ۾ واڌ جي فيصلي تي سامهون آيو.
UEFA ان اقدام تي تنقيد ڪئي، چيو ته فيفا ‘هڪ ريڊ لائين پار ڪيو’.
چافرن جي غير حاضري جو ٻيو سبب صومالي ريفري عمر عبدالقادر ارطان جو ڪيس هو، جنهن کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملڻ سبب ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. هن کي بعد ۾ آگسٽ ۾ يوفا سپر ڪپ لاءِ ريفري مقرر ڪيو ويو.
رپورٽ موجب يورپي عملدارن فيفا جي نون فيصلن جهڙوڪ ايران سان لاڳاپيل ميچ مئنيجمينٽ مسئلن، لازمي هائيڊريشن بريڪ ۽ فائنل ۾ اڌ وقت جي مدي ۾ واڌ تي به خدشن جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ اسپين ارجنٽائن کي اضافي وقت ۾ 0-1 تان شڪست ڏئي عالمي ٽائيٽل کٽي ورتو.


