ڀارت ۾ چيف جسٽس جو احتجاج جاري آهي، جنهن کي بالي ووڊ جي ڪيترن ئي شخصيتن جي حمايت حاصل آهي، جڏهن ته ڪجهه ستارا هن وقت تائين خاموش آهن.
ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي ۾ تعليمي سڌارن ۽ وفاقي تعليم واري وزير ڌرميندرا پرڌان جي استعيفيٰ جي مطالبي تي کاکروچ جنتا پارٽي جو احتجاج پوليس جي ڪاررواين کانپوءِ به جاري آهي.
هزارين مظاهرين سومر تي پارليامينٽ طرف مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ لاٺي چارج ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو.
رپورٽن مطابق گهٽ ۾ گهٽ 60 مظاهرين زخمي ۽ 70 مظاهرين کي حراست ۾ ورتو ويو.
اپوزيشن پارٽين پوليس جي ڪارروائي جي مذمت ڪئي آهي، پر وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت ۽ دهلي پوليس مظاهرين خلاف طاقت جي استعمال تي سڌو سنئون بيان جاري نه ڪيو آهي.
پوليس جي ڪاروائي کانپوءِ بالي ووڊ جي ڪهڙين شخصيتن شاگردن جي مدد ڪئي؟
بالي ووڊ جي ڪيترن ئي ستارن شاگردن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته بالي ووڊ جا خان به ان معاملي تي خاموش آهن.
اداڪارا پوجا ڀٽ:
هن انسٽاگرام تي لکيو ته جڏهن شاگردن تي لاٺي چارج ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ويندو آهي ته ان کي قانون لاڳو ڪرڻ جي نالي تي جواز بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته اختلافن کي دٻايو ويندو آهي.
سوناکشي سنها:
20 جولاءِ جي واقعن تي رد عمل ظاهر ڪندي اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ لکيو ته 20 جولاءِ تي ڪيترن ئي ماڻهن جا هڏا ٽٽي ويا ۽ سڄي ملڪ جي دل به ٽٽي وئي، ياد رکو.
اداڪارا اديتي رائو حيدري:
هن شاگردن جي پڻ حمايت ڪئي ۽ چيو ته سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي انسانيت کي اوليت ڏني وڃي. شاگردن کي عزت، وقار ۽ شفقت سان ٻڌو وڃي ڇو ته اهي ئي ملڪ جو مستقبل آهن.
جينيليا ديشمخ ۽ رتيش ديشمخ:
بالي ووڊ جي مشهور جوڙي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته نوجوانن جو آواز بنا ڪنهن خوف جي ٻڌو وڃي ڇو ته اهي جمهوريت جا روح ۽ ملڪ جي مستقبل جا معمار آهن.
دلجيت دوسانجھ:
اداڪار ۽ ڳائڻي به شاگردن جي حمايت ڪئي ۽ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوانن جو آواز ٻڌو وڃي.
ان کان علاوه شبانه اعظمي، پرڪاش راج، ريواتي، سوها علي خان ۽ روهت صراف به شاگردن جي حق ۾ آواز اٿاري احتجاج ڪندڙن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
ڪهڙيون شخصيتون خاموش رهيون؟
ان کان علاوه شاهه رخ خان، سلمان خان، عامر خان، رنبير ڪپور، عاليا ڀٽ، اڪشي ڪمار ۽ اجي ديوگن جي خاموشي به سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي. ڪيترائي صارف سوال ڪري رهيا آهن ته اداڪار ايڏي وڏي عوامي مسئلي تي بيان ڇو نٿو ڏئي.


