چيني ڪمپنين پاڪستان جي انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.
اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽي ڪائونسل (SIFC) جي سهڪار سان پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن جا نوان موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن.
وفاقي سيڙپڪاري واري وزير قيصر احمد شيخ سان شنڊونگ هاءِ اسپيڊ گروپ جي چيئرمين زو شيانگ جي اڳواڻي ۾ چيني وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ شنڊونگ هاءِ اسپيڊ گروپ پاڪستان جي ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪ ۽ ڪنيڪشن جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.
وفد او جي ڊي سي ايل جي تعاون سان حيدرآباد ۾ جاري تيل ۽ گئس منصوبي سميت پاڪستان ۾ جاري سيڙپڪاري جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي سيڙپڪاري واري وزير پاڪستان جي بهتر ڪاروباري ماحول، نوجوان افرادي قوت ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي.
وفاقي سيڙپڪاري واري وزير وفد کي SIFC ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ طرفان مڪمل سهولت ۽ ادارتي سهڪار جو يقين ڏياريو.
SIFC جي اثرائتي سهولت پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي سيڙپڪاري، صنعتي تعاون ۽ پاڪستان-چين اقتصادي ڀائيواري کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.


