پاڪستان جي گڊاني شپ يارڊ ۾ 8 سالن کانپوءِ ٻيهر جهازن جي ريسائڪلنگ جو عمل شروع، 7 جهاز ريسائڪلنگ لاءِ لنگر انداز ٿي ويا.
اين ايل سي ۽ ميري ٽائيم ٽاسڪ فورس ۾ شامل ٻين ادارن جي ڪوششن سان گڊاني ۾ جهازن جي ريسائڪلنگ جو عمل ٻيهر ممڪن ٿي ويو ۽ 8 سالن کانپوءِ گڊاني شپ يارڊ تي 7 جهاز لنگر انداز ٿيا آهن.
شپ ريسائڪلنگ انڊسٽري کي عالمي معيار تي آڻڻ لاءِ سڌارا جاري آهن، وفاقي حڪومت شپ ريسائڪلنگ کي سرڪاري صنعتي درجو ڏئي ڇڏيو آهي، شپ ريسائڪلنگ يارڊز کي آءِ ايم او جي معيار موجب جديد بڻايو پيو وڃي.
گڊاني ۾ 16 مان 9 شپ ريسائڪلنگ يارڊز کي هانگ ڪانگ ڪنوينشن موجب اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، باقي 7 شپ ريسائيڪلنگ يارڊ انسپيڪشن جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن، حڪومت گڊاني ۾ جديد ٽريٽمينٽ، اسٽوريج ۽ ڊسپوزل جي سهولت پڻ قائم ڪندي، نئين سهولت ساحلي ماحول ۽ سامونڊي زندگي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي.
هر ريسائيڪل ٿيل جهاز قومي معيشت ۾ لڳ ڀڳ 25 ملين آمريڪي ڊالر جو اضافو ڪندو، ۽ جڏهن مڪمل طور تي آپريشنل ٿيندو، اها سهولت ملڪ جي اسٽيل اسڪريپ جي ضرورت جو 30 سيڪڙو پورو ڪندي.
جهازن جي ريسائڪلنگ انڊسٽري جي بحالي پاڪستان جي سامونڊي معيشت ۽ صنعتي ترقي لاءِ هڪ خوش آئند ترقي آهي.


