آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر وچ اوڀر کي انتهائي خطرناڪ موڙ تي آڻي ڇڏيو آهي، چين

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


نيويارڪ: گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي سن لي ايران تي آمريڪي حملن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر وچ اوڀر کي انتهائي خطرناڪ موڙ تي آڻي ڇڏيو آهي.

چيني سفير اهڙو اظهار گڏيل قومن ۾ هڪ اجلاس دوران ڪيو، جتي هن چيو ته ايران خلاف آمريڪي فوجي ڪارروايون خطي ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ به خطرو آهن.

سندس بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي نمائندي مائيڪ والٽز الزام لڳايو هو ته چين ايران ۽ يمن کي سامان جي فراهمي روڪڻ لاءِ اثرائتو قدم نه کڻي رهيو آهي.

چيني سفير سن لي آمريڪي الزام کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته چين پنهنجي برآمدات جي سخت نگراني ڪري ٿو ۽ ان حوالي سان سمورن لاڳاپيل قانونن تي عمل ڪري ٿو.

هن چيو ته هن وقت سڀ کان اهم ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ نوان تڪرار ۽ بدامني پيدا ڪرڻ بدران ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ عملي قدم کڻي.

چيني سفير موجب خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فوجي آپريشن بدران سفارتڪاري، ڳالهين ۽ عالمي قانونن جو احترام ضروري آهي.

تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ايران تي آمريڪي حملن کانپوءِ عالمي طاقتن وچ ۾ سفارتي اختلاف وڌيڪ نمايان ٿي رهيا آهن. چين ڳالهين ۽ سياسي حل لاءِ زور ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ايران خلاف فوجي دٻاءُ برقرار رکڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment