پنجاب يونيورسٽي ڊپارٽمينٽ آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي سرڪاري عمارت ۾ خانگي مرغي پالڻ جو انڪشاف

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پنجاب يونيورسٽي ڊپارٽمينٽ آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي سرڪاري عمارت ۾ خانگي مرغي پالڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اداري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪامران عابد اداري جي ڇت ۽ لان تي مرغي پاليا. اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته هڪ ڪروڙ روپين جي باڑ لڳل آهي. لان ۾ مرغن کي محفوظ رکڻ لاءِ 5 لک خرچ ڪيا ويا. پرائيويٽ مرغن جي سار سنڀال لاءِ کاتي جا سرڪاري ملازم ڊيوٽي تي آهن، گرمين ۾ مرغن کي به ڇت تان اليڪٽريڪل ڊپارٽمينٽ جي عمارت جي هال ۾ منتقل ڪيو ويو. ڪڪڙن کي سرڪاري ڪولر ۽ اي سي جون سهولتون به ڏنيون پيون وڃن، اهو به انڪشاف ٿيو ته ڪڪڙن کي ڪلاس روم ۾ رکيو ويندو آهي. ڊاڪٽر ڪامران عابد يونيورسٽي آف سرگوڌا ۽ ساهيوال ۾ وائيس چانسلر لاءِ اميدوار آهي. جامعه پنجاب جي ترجمان موجب اليڪٽريڪل ڊپارٽمينٽ ۾ خانگي مرغي رکڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي، هو معاملي جي جاچ ڪندا. ڊاڪٽر ڪامران عابد جو موقف آهي ته شاگردن کي قدرتي ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ مرغن کي پاليو پيو وڃي، مستقبل ۾ وڌيڪ پکين کي به قدرتي ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ رکيو ويندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment